Category Archives: Uncategorized

محي الدين ڪيڙانو پناهه گير – پس منظر ۽ ايجنڊا

محي الدين ڪيڙانو
پناهه گير – پس منظر ۽ ايجنڊا

مسلمان عالمن کي سنڌ ۽ ڀارت ۾ پنهنجي مذهب جي پرچار لاءِ ڪابه رڪاوٽ نه هئي ۽ نه ئي سندن واپار ۾ هتي جي حڪمرانن ڪا رنڊڪ وڌي، پر عربن ڦر لٽ ۽ خالص عرب سامراجي، نو آبادياتي مفادن جي پيش نظر وچ اوڀر، وچ ايشيا، ۽ اتر آفريڪا وانگر سنڌ تي پڻ ڪاهون ڪيون. ستين صدي عيسوي ۾ ته سنڌي سندن ڪاهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندا رهيا، کين شڪستون ڏنائون پر اٺين صدي عيسوي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ چونڊ لشڪر، جديد هٿيارن، بهتر جاسوسي نيٽ ورڪ ۽ اطلاعن ۽ شديد سفاڪي، وحشت ۽ دهشت سبب ۽ سنڌي سماج جي ڪجهه اوڻائين، حڪمرانن ۽ ريت جي مذهبي فرق، ڪمزور فوجي حڪمت عملي، ڪجهه پنهنجن جي غدارين، سنڌي حڪمرانن جي غلط ۽ موت مار خود اعتمادي ۽ خوشفهمي، سنڌين جي شڪست جو سبب بڻيا. سنڌي ننگن ۽ دنگن جي جنگ هارائي ويٺا ۽ عرب سامراج فتحمند ٿيو، سنڌ  ۽ سنڌي غلام بڻيا. سنڌي سماج جي ترقي رڪجي وئي ، سنڌين کان پنهنجا وسيلا کسجي ويا، ملڪيتون لٽيون ويون، ننگن ۾ هٿ پيا، حاڪميت ۽ خوشحالي جو زمانو پورو ٿيو ۽ سنڌي سماج ايندڙ سوين سالن تائين اونداهيءَ ۾ غرق ٿي ويو، جنهن مان اڃان اسين نڪري نه سگهيا آهيون، پنهنجا وسيلا ڦرائي، سڃاڻپ، ثقافت ۽ سنڌي ايجنڊا کي ڳوليندا رهيا آهيون.
يارهين صدي عيسوي جي شروع ۾ اسلام جو جهنڊو کڻي وچ ايشيا جا رهزن قبيلا ڀارت تي ڪاهي پيا. سنڌ، پنجاب، ۽ ڪشمير هندستان جا اولهنديا پرڳڻا هئا جن هندستان جي اولهندي سرهند جوڙي کيس وچ ايشيا کان ڌار ڪيو ٿي. ان سرحد ۾ ڏار پئجي چڪا هئا جو سنڌ اڳ ئي غلام بڻجي چڪي هئي. هي وچ ايشيا جا ترڪ نسل جا لٽيرا، وحشي ۽ رهزن قبيلا، مڪمل ڦورو ۽ سامراجي مقصد کڻي پر اسلام جو نالو وٺي هندستان تي تسلسل سان ڪاهيندا آهيا. قتل عام ۽ ماراماري ڪندا، ڦرلٽ ڪندا، هندستان تي قبضو ڪندا ويا ۽ پنهنجي هم نسلن ۽ هم مذهبن کي وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر کان گهرائي انهن کي آباد ڪندا، هندستان جي زمين بخششون ڪندا، مال ۽ غنيمت ورهائيندا، مراعاتون ۽ منصب ڏيندا رهيا، حڪمراني ڪندا رهيا.
لڳ ڀڳ 800 سال هندستان سان هنن وئشيا وارو سلوڪ ڪيو. هنن درندن هندستان کان ان جو روح ڦري ورتو ۽ ان جي ماس کي پٽيندا، کائيندا ۽ پائمال ڪندا رهيا، ان جي عزت کي پيرن هيٺيان ڪچليندا رهيا.
هي اردو ڳالهائيندڙ پناهگير انهن ڌرتي ڌڪاڻن، غزنوي، غورين، تغلقن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو نسل آهن. هي انهن ترڪن، ايرانين ۽ عربن جو نسل آهن جن 800 سال هندستان تي حڪمراني ڪئي. هندستانين کان انهن جا گذر جا وسيلا ۽ زمينون کسيون، ملڪيتون کسيون، انهن جا قتل عام ڪيا، عورتن سان زنائون ڪيون، انهن جون مذهبي عبادت گاهون ڍاهي پنهنجون عبادت گاهون اڏيون. انهن جي تهذيب ۽ ثقافت کي ڪچلي تباهه ڪيو. انهن کان حق حڪمراني کسي، آزادي ۽ شناخت کسي هندستاني شعور ۽ سماجي ترقي کي هنن اوڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو. هي سمورن هندستانين کي ان ڪري قتل ڪري ڪونه سگهيا جو هندستانين هنن جي قتل ڪرڻ کان تعداد ۾ تمام گهڻا هئا، نه ته هندستانين سان به هو سمير ۽ وچ اوڀر جي ملڪن وارو حشر ڪن ها.
هي انهن رولو رهزنن ۽ جلادن جو اولاد آهن جن گذر سفر لاءِ هر، ڏاٽو ۽ ڪوڏر نه کئي. هنن اباڻي ڌرتي جي سيني ۾ هر ڏيئي ٻج پوکڻ بجاءِ تلوارون، نيزا، ڀالا، تير ۽ خنجر کڻي پنهنجي ڌرتي کي خير باد چيو ۽ پراين کرن، ملڪيتن ۽ گڏ ٿيل ثمرن کي راتاها هنيا. هي پرائين سبز چراگاهن جا متلاشي رهيا، هنن کيڙي کائڻ تي کرا ڦرڻ کي ترجيح ڏني. اڄ به هنن جي ڪرت ۽ نفسيات اهائي آهي.
هنن جي وڏن 800 سال هندستان تي غاصبانه حڪومت ڪئي پر هو هن بحث ۾ رڌل رهيا ته هندستان “ دارالحرب “ آهي يا “دارلامان” هندستان جنگ جو ميدان آهي يا امن جو گهوارو. ڇا هتي امن سان رهي سگهجي ٿو! هنن جو ڌرتي ڌڻي سان حقارت وارو، غلامن وارو رويو رهيو. هندستانين جي ڌرم ۾ ڳئون ۽ ڍڳو مقدس هئا، جو هڪ سان هنن ڌرتي جو سينو کيڙي سلا اپايا ٿئي ۽ ٻئي جو کير پيتو ٿئي ۽ ان کي ماتا سڏيو ٿئي، جو اهي هنن جي رزق ۽ روزي جو ذريعو هئا. هنن غاصبن انهن جا کلي عام ڪوس ڪرايا ته جيئن انهن جي تذليل ۽ بي حرمتي ٿئي. اڄ به هي پناهه گير عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڳائي ڍور جي قرباني وڏي شوق سان ڪندا آهن، جيڪا هندستاني زماني جي يادگيري ۽ باقيات آهي.
800 سالن جي حڪمراني ۾ هنن نه ته هندستان جي ماڻهن کي پاڻ برابر ۽ پنهنجو ڀاءَ سمجهيو  ۽ هنن هندستان جي ڌرتي کي پنهنجو سمجهيو ۽ Own ڪيو.
انگريزن جي هندستان جي فتح ۽ حڪمراني، هندستانين کي ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو. انگريزن فتح بعد هندستان ۾ معاشي ۽ سماجي اصلاحن جو جيڪو منصوبو جوڙيو ۽ عمل شروع ڪيو هو، اهو 1857ع جي غدر يا جنگ آزادي کي ڪچلڻ بعد ان تي عمل روڪيو ويو جو انگريز پراڻي حڪمران طبقي جي مفادن کي ڇيڙڻ سان پنهنجي حڪمراني آڏو مشڪلاتون پئدا ڪرڻ نٿي گهريون، جنهن ڪري ان منصوبي کي اڌ ۾ ڇڏي هندستان تي دگهو عرصو حڪمراني ڪرڻ جي خيال کان ان پراڻي حڪمران جاگيردار طبقي کي پنهنجو همنوا ۽ طفيلي بنايو. ان طبقي جون پراڻيون مراعاتون برقرار رکي پنهنجو وفادار بنائي، پنهنجي مفادن سان سلهاڙي ان کي پنهنجي ۽ عام هندستان رعيت سان رابطي جو ذريعو بنايو.
پراڻو مسلمان حڪمران طبقو هندستان جو سڀ کان وڏو جاگيردار طبقو هو، جن 800 سئو ساله دور حڪراني ۾ هندستان جي وسيع ايراضي تي قبضو ڪري ان کي پنهنجي بخششي جاگير بنائي ڇڏيو هو. ان مفت پروري، گذر جي ڪشادگي، عياشين ۽ مراعاتن هن مسلم جاگيردار طبقي کي ذهني ۽ جسماني طور قبضو، اپاهج ۽ خصي ڪري ڇڏيو هو. نتيجتاً  هندستانين کي انگريز دور ۾ مليل ساهي، حڪومتي اصلاح، برابري جا موقعو ملڻ، هندستاني صدين جي دٻيل توانائي کي گس ڏنو ۽ اها ڦاٽ کائي نڪتي. هندستاني ڊگهي غلامي جي دور ۾ مکي پيداواري وسيلي زمين کان ته گهڻي ڀاڱي محروم هو، سو هن موقعي مان فائدو وٺندي تعليم ۽ واپار ميدان ۾ ڪاهي پيو ۽ ڇلانگون ڏيندو وڌندو ويو ۽ سئو ساله انگريز حڪمراني جي دور ۾ مسلمانن کي صديون پوئتي ڇڏي ويو، ايستائين جو مسلمان تعليم ۽ واپار ۾ هندستانين سان مقابلو ڪرڻ ست .ئي نه ساري سگهيا.
هندستان جي مسلمان اقليتي صوبن جو مسلمان جاگيردار طبقو اڳ ئي هندستان تي ڊگهي حڪمراني ڪرڻ سبب وڏي غرور ۽ ڦونڊ جو شڪار هو جنهن جي هندستان ۽ هندستانين سان ڪابه همدردي ۽ وفاداري نه هئي. اهي انگريزن سان ٺهڻ ۽ انهن جي غلام ڪرڻ لاءِ ته تيار هئا (جيئن انهن جي ان وقت جي دانشورَ ۽ اڳواڻ سر سيد احمد خان انهن کي پي سمجهايو)، پر هندستانين کي هو پاڻ برابر سمجهڻ، انهن سان گڏجي هلڻ يا هندستاني معاشري ۾ جذب ٿيڻ لاءِ هو بلڪل تيار نه هئا، ويتر جو 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي قائم ٿيڻ ۽ پنهنجي منشور ۾ جاگيرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪرڻ، هنن جي قابض مفادن ۽ معتبري کي ڪاپاري ڌڪ هو. هاڻ هندستان جي ڌرتي قابضن لاءِ تنگ ٿيڻ لڳي، هنن محسوس ڪري ورتو ته ڪو چڱو خاصو تاريخي واقعو هنن کي تاريخ جي انساف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ڪافي آهي. هنن جي پر ماري مفادن ۽ 800 سئو سال هندستاني معاشري سان ڪيل زنا هنن ۾ خوف جي نفسيات کي سگهارو ڪيو.
ان پس منظر ۾ 1906ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺئي ۽ مسلمان ان ۾ تيزي سان شامل ٿيڻ لڳا. انڊيل نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ انگريزن پنهنجي مفاد وٽان جوڙايون هئيون ته جيئن هو انگريز حڪمرانن ۽ هندستاني رعيت وچ ۾ رابطي جو يا Buffer طور ڪم ڪن. انگريزن جو هندستان تي ڊگهي عرصي جي حڪمراني جو منصوبو هو ته ان ۾ جاگيردارن ۽ مراعات يافته طبقي سان گڏ انگريزن جي جديد تعليمي نظام مان مستفيد ٿيل ماڻهن، جيڪي انگريز ڪلچر کان پڻ متاثر ٿيل ماڻهو هجن، انهن کي ڪن پليٽ فارمن تي جمع ڪري، انهن کي ننڍڙو حصيدار بڻائي حڪمراني ۾ طوالت ۽ سهولت پيدا ڪجي.
يورپي قومي سرمائيدار جي ڪچي مال ۽ منڊين تي قبضي لاءِ ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ بڙڪايل پهرين عالمي جنگ پراڻين نو آبادياتي قوتن لاءِ نتيجن ۾ غير متوقع هئي. ان هلندڙ جنگ جي رک مان نجي ملڪيت دشمن ۽ سامراج دشمن، پورهيت طبقي جي عظيم الشان حڪومت سوويت سوشلسٽ ري پبلڪ روس ۽ ان جي باقي رياستن ۾ قائم ٿي. هي عالمي سامراجيت ۽ سرمائيداري کي موتمار ڌچڪو هو .
هندستان جي مسلم اقليتي صوبن جي مسلمان وچ اوڀر ۽ وچ ايشيائي ڌرتي ڌڪاڻن لٽيرن جي نسل، جن جا هٿ هندستان جي عزتن ۽ خون سان لٿيل هئا، تن سمجهي ورتو هو ته هاڻ هندستان سبز چراگاهه نه رهيو هو ۽ هو ڪڏهن به هندستان جا ٻيهر حاڪم بنجي نه سگهندا ۽ نه سندن مراعاتون ۽ جاگيرون رهنديون، پر هو جلد تاريخ جي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهندا. هاڻي نسلي، مذهبي ۽ ثقافتي اقليت جو نسلي مذهبي ۽ ثقافتي اڪثريت حاڪم رهڻ نا ممڪن هو. ان سبب سندن مراعاتن ۽ تاريخ جي انصاف کان بچاءُ جو واحد ذريعو مسلم ليگ هئي.
مسلم ليگ جي قائم ٿيڻ سان مسلمان اڪثريتي صوبن جو جاگيردار، مراعات يافته طبقو پڻ پنهنجي جاگيري مفادن جي تحفظ ڪاڻ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ مسلمان جاگيردار تمام گهڻو ڊنل هو، جو 1920 ع ڌاري سنڌ جي 40 سيڪڙو قابل ڪاشت زمين هندو واڻئي وٽ گروي هئي. سنڌ جو جاگيردار مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان پنهنجون جاگيرون ۽ مراعاتن سان گڏ اها زمين به حاصل ڪرڻ گهرندو هو.
1918ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي خاتمي تي يورپي قومي سرمائيدار جي جيڪا ايجنڊا اڻپوري رهجي وئي ان 1939ع ۾ يورپ ۾ وري ڀمڀٽ ڪيو. هن کي يورپ جي قومي سرمائيداري جي فيصله ڪن جنگ ۽ يورپ جي ٻئي عظيم خانه جنگي پڻ چئي سگهجي ٿو، ڇهه سال هلندڙ هن جنگ گهڻو ڪجهه ڀسم ڪيو. نجي ملڪيت ۽ سرمائيداري نظام جي وجود اڳيان وڏا سواليه نشان اچي ويا ۽ فاتح ۽ مفتوح ميدان جنگ ۾ زخمن مان چور، رت ۾ لٿڙيل هئا. هي جنگ فاتحن لاءِ Pyrrhic   Victory  هئي. فاتح ۽ شڪست کاڌلن ۾ معمولي فرق هو. سوشلزم ۽ قومي آزادي مارچ ۾ هئا، نجي ملڪيت ۽ قومي سرمائيداري بقا جي جنگ ۾ هئا.
ڏکڻ ايشيا، هندستان مان انگريز جو وڃڻ اڻٽر هو، ڇاڪاڻ ته انگريز فاتح باوجود انتهائي ڪمزور هو، گهر ۽ نجي ملڪيت کي بچائڻو هو. فلاحي رياست ۽ قومي سرمائيداري کي گهڻ قومي سرمائيداري ۾ تبديل ڪري سرمائيداري نظام کي بچائڻو هو. مذهب کي هٿي ڏيئي، طاقتور بڻائي سرمائيداري نظام جي ڍال بڻائي سوشلزم جي طوفان ۽ قومي آزادي جي تحريڪن کي روڪڻو هو.
انگريز انهن مفادن جي پيش نظر هندستان جا مذهبي بنيادن تي ورهاڱو ڪيو. انصاف ڍنل مسلمان اقليت ۽ مسلمان اڪثريتي صوبن جي جاگيردار کي پنهنجو همنوا، حصيدار ۽ جانشين بنائي انگريز ظاهر طور هليو ويو.
پاڪستان جي ٺهڻ ۾ ڪوبه عوامي، جمهوري ۽ ننڍين قومن جو مفاد ڪونه هو، هي خالصتاً عالمي سرمائيداري ۽ انهن جي علاقائي دلالن جي مفادن ۽ ايجنڊا تحت ٺهيو.
انگريزن جي انخلا ۽ هندستان جي ورهاڱي جي ڪنهن به دستاويز ۾ آبادي جي منتقلي جو ذڪر نه هو، پر مذهبي فساد ڪرائي ان جو سبب پيدا ڪيو ويو.  هي انصاف کان ڊنل ۽ ڀڳل اقليت پاڪستان کي هڪ ننڍڙي ۽ نئي چراگاهه سمجهي هتي هڪ نئي مغل سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ ڪاهي آئي. 1954ع تائين سنڌ ۾ آيل هنن پناهگيرن جو تناسب سنڌي جي آبادي ۾ هڪ عددي تناسب هو. 1954ع ۾ لياقت نهرو پئڪٽ پناهگيرن جي منتقلي سبب پئدا ٿيندڙ مسلئن ڪري ان کي روڪڻ جو اعلان ڪيو، پر نئي قائم پنجابي – پناهگير اسٽبلشمينٽ ان کي عملاً ناڪام بنائي ڇڏيو ۽ هي ڌڻن جي صورت ۾ ڪاهيندا آهيا ۽ 70 ع تائين هي سنڌ جي آبادي جي ويهه سيڪڙو تائين پهچي ويا، جيڪو مڪمل غيرقانوني هو.
پاڪستاني اسٽبلشمينٽ هنن سان پهرين ڏينهن کان مراعات يافته رويو رکيو. وڏيون، وچوليون ۽ ننڍيون هر قسم جي ملازمتن ۾ هنن کي سٿيو ويو. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون هنن کي ڪليمن ۾ ڏنيون ويون، هنن کي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪري، هنن جو سنڌ جي واپار تي قبضو يقيني بنايو ويو. اردو کي قومي ٻولي قرار ڏئي، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي سنڌ ۾ ماتحت بنايو ويو. بئنڪن جا در هنن تي کولي نالي ماتر شرطن تي هنن کي ڳرا قرض ڏئي صنعتڪاري ۾ مظبوط بنايو ويو. معاشي طور هنن کي مظبوط ڪري سياسي طور سگهارو بنايو ويو. پاڪستاني اسٽبلشمنيٽ جو جونيئر حصيدار بنائي هنن کي سنڌين تي سوار ڪيو ويو.
پاڪستاني رياست پهرين ڏينهن کان پنهنجي ماهيت، مفادن، پاليسين ۽ طرز حڪومت کان مغل شهنشاهيت جو تسلسل آهي ۽ سنڌ حڪومت ميراڻو راڄ، جنهن جو ڌرتي، انهن جي ماڻهن، مفادن ۽ ننڍين قومن جي مفادن سان ڪوبه سروڪار ڪونهي. اهي سڀ مغلن ۽ ميرن جي استعمال ۽ استحصال لاءِ آهن.
پناهگيرن جو سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ سان، انهن جو سنڌ ۽ سنڌين سان رويو حاڪمن وارو ۽ حڪارت وارو آهي. پهرئين ڏينهن کان هي سنڌين کان شديد نفرت ڪن ٿا ۽ پهرئين ڏنهن کان هي سنڌ ۽ سنڌي دشمن رهيا آهن، جنهن جي ثابتي پاڪستان جي سڄي تاريخ آهي. هنن پاڪستان جي 66 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌي مفادن جي حمايت نه ڪئي آهي. 
1971ع ۾ بنگلاديش جي آزادي کان پوءِ هنن محسوس ڪيو ته مذهبي بنياد تي پاڪستاني رياست جا بنياد تمام ڪمزور آهن ۽ هي سبز چراگاهه ۽ ننڍڙي مغل سلطنت ڪو گهڻو عرصو جٽاءَ نٿي ڪري سگهي. ان نتيجي کان پوءِ ڀٽو دور ۾ نئي آئين ۽ ڪجهه مراعاتن گهجڻ سبب هنن پنهنجي نئين شناخت ۽ نئين حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪئي. ضياءَ جي دور ۾ هنن کي پاڪستان اسٽبلشمينٽ کان گهربل حمايت ملڻ شروع ٿي ۽ 83ع جي جمهوري جدوجهد ۾ سنڌي جي ڪردار اسٽبلشمينٽ کي بوکلائي وڌو ۽ هنن تي هر طرح جي مدد جا دروازا کلي پيا. 85 ع کان پوري تياري سان هي مهاجر قوميت جو نعرو هڻي ميدان ۾ لٿل آهن.
بنگلاديش جي آزادي ۽ هنن جي همزبان بيهارين جي ڪئمپن منتقلي هنن کي ذهن نشين ڪرايو ته مغل راڄ گهڻو هلڻو ناهي ۽ هنن جي پيرن هيٺان سندن زمين ناهي. هاڻي پناهگير کي زمين کپي ٿي، ڌرتي کپي ٿي، هنن جون نظرون سنڌ جي ڌرتي ۾ آهن، جتي هو لياقت پور قائم ڪري سگهن.
هنن جي دعويٰ ته ڪراچي هم ني بنايا هئي، ڪراچي همارا هئي، پاڪستاني رياست جي حمايت يافته ٻن چئن سب کان وڏن ڪوڙن مان هڪ آهي. هڪ ته ڪراچي کي پاڻ سان گڏ هندستان مان کڻي ڪونه آيا هئا، پر تاريخي طرح سان سنڌ جو اٽوٽ انگ رهي آهي، انگريز دور ۾ سنڌ جو بندرگاهه وارو شهر رهيو آهي. هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو بندرگاهه وارو شهر آهي، جتان پاڪستان پر افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين جو مال درآمد ۽ برآمد ٿئي ٿو ۽ ڪراچي کي پاڪستان جي محبوبه واريون مراعاتون ملنديون رهيون آهن. پاڪستان ۾ آمريت هجي يا جمهوريت ڪراچي لاءِ باقي سنڌ جي قيمت تي اربين رپين جا پيڪيج ايندا رهندا آهن، جنهن سبب اتي بهترين روڊ، جديد اسپتالون، سٺا اسڪول ۽ درسگاهون، بجلي، گئس ۽ صاف پاڻي جي فراواني، درآمدي، برآمدي مرڪز سبب معاشي ۽ واپاري مرڪز واري حيثيت ۽ هزارين ننڍيون وڏيون سرڪاري ۽ خانگي ننڍيون وڏيون صنعتون آهن. پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسٽيل مل، انٽرنيشنل ايئرپورٽ، پورٽ ۽ شپنگ ڪارپوريشن جو هيڊ ڪوآرٽر، نيول هيڊ ڪوآرٽر هئڻ ڪري سرڪاري طوري خانگي نوڪرين جا لکين موقعا آهن. سڀ کان اهم ڳالهه ته ڪراچي سنڌ جو تخت گاهه آهي ۽ سنڌ جون سموريون سرگرميون هتان ٿين ٿيون ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هر ڪم ڪار سانگي هتي اچڻو پوي ٿو، نه ته هي پناهگير سنڌين کان نه ته ذهين آهن ۽ نه ئي وڌيڪ محنتي آهن. هنن جي ذهانت ۽ محنت جو اندازو هندستان ۾ موجود هنن جي ڀائرن ۽ مٽن جي معاشي ۽ تحذيبي حيثيت مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ هي پاڪستان جا سڀ کان زياده مرعات يافته رهيا آهن، هي پاڪستان رياست جا سانڍيل آهن. هي کڙ، بسي ۽ ڏاري جي آهر تي بيٺل مينهن جيان آهن ان ڪري ٿلها ۽ کيرائتا ڏسڻ ۾ اچن ٿا نه ته حقيقت ۾ مراعاتن ۽ آهر کان سواءِ هي هڪ پل به جي نٿا سگهن.
ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ 80 جي ڏهاڪي کان هنن پاڻ کي اوڻيهن صدي جي يورپ جي صيهوني تحريڪ جي طرز تي منظم ڪيو آهي. هنن وٽ چٽا ۽ واضع مقصد، مظبوط تنظيم، سگهاري منصوبه بندي ۽ حڪمت عملي، زبردست جاسوسي نيٽ ورڪ ۽ ٺوس اطلاع آهن. هنن جو مالياتي ۽ پروپئگنڊا نيٽ ورڪ منظم، جديد ۽ سائنسي آهي. پاڪستان ۾ مٿين کان وچين سطح تائين فيصلا ۽ عمل ڪندڙ ادارن جا شخص ۽ سنڌ ۾ اهڙن ادارن جي مٿئين کان هيٺين S.I سطح جي آفيسرن جا هنن وٽ مڪمل تفصيل آهن. ڪڏهن، ڪنهن کان، ڪيترو ۽ ڪيئن ڪم وٺڻو آهي، ڪنهن کي ڇا کپي،ڪنهن جي ڪيتري قيمت آهي، ڪنهنجي ڪهڙي ڪمزوري آهي، چٺ نه ته لٺ سان، اهو سڀ هوم ورڪ هنن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تازي جهلڪ توهان رات پيٽ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۽ ٺاهه ۾ ڏسي ڇڏي آهي.
پرپئگنڊا ۾ تقريبن هر اردو ۽ انگريزي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هر سطح تي هنن جا ماڻهو ويٺا آهن. ڪهڙي خبر کي ڪيتري اهميت ڏيڻي آهي، اهميت ڏيڻي آهي يا نظر انداز ڪري ڇڏڻو آهي، ڪهڙي خبر کي دٻائڻو آهي يا هلڪو ۽ ڌنڌلو ڪري پيش ڪرڻو آهي، ڪٿي ٻڌنڌڻن ۽ پڙهندڙن جي توجهه کي ٻئي پاسي موڙڻو آهي ان ۾ هي ماهر آهن. جنگ گروپ ۽ جيو ته هنن جا مڪمل پروپئگنڊا ٽول يا مائوٿ پيس آهن. تقريباً هر سرڪاري يا خانگي اداري ۾ مٿان کان هيٺ ويٺل هنن جو شخص جاسوس آهي جيڪو هنن کي با ضابطه اطلاع پهچائيندو رهي ٿو.
پاڪستان کان سواءِ انڊيا، برطانيه، ڏکڻ آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ هنن جا مظبوط نيٽ ورڪ آهن. سفارتي محاذ تي به هي ٽن ڏهاڪن کان سرگرم آهن. انڊيا، برطانيه ۽ آمريڪا جي اسٽبلشمينٽ، رياستي ۽ حڪومتي سطح تي، اتي جي رياستي پاليسي ساز ادارن سان باضابطه ۽ باقائده لهه وچڙ ۾ آهن. تنهن کان سواءِ اسرائيل، يورپ ۽ آفريڪا ۾ پڻ هنن جي موجودگي ۽ ڳانڍاپا آهن.
هنن جو فنڊنگ ۽ مالياتي نيٽ ورڪ پڻ انتهائي طاقتور آهي.
هنن جو 86ع کان ڊرل مشينون، ٽارچر سيل، ٻوري بند لاش ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ – باهيون، فساد، لساني جهڳڙا، جلوسن تي فائرينگون ۽ شيعا سني فساد ڪرائڻ- هنن جون مشقون، صفائي مهم، دهشت ۽ طاقت جو اظهار آهي، جنهن کي هو سياسي قوت ۾ تبديل به ڪن ٿا ۽ گڏي به هلائين ٿا.
هي 35 کان 50 هزار تربيت يافته سفاڪ قاتلن ۽ دهشتگردن جي فوج (Wikie  Leaks  )، 19 هزار نيٽو ڪنٽينرن مان چورايل جديد ترين فوجي هٿيار (I.S.I ۽ ٻين پاڪستاني سيڪريٽ ايجنسين جي رپورٽ) تنهن کان سواءِ پورٽس اينڊ شپنگ جي ڊگهو عرصو هنن وٽ رهندڙ وزارت دوران مختلف ملڪن کان خانگي جهازن ۾ آندل هٿيار (جنهن جي رڪارڊ کي هنن پورٽس اينڊ شپنگ جي هيڊ آفيس کي ٻه دفعا باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو) تنهن کان سواءِ هن پناهگير دهشتگرد لساني ٽولي جي قائد جي 86ع کان ڪيل اپيلن ته فرج ۽ ٽي وي وڪڻي هٿيار وٺو جي موٽ ۾ ورتل هٿيار، هي سڀ تياريون سنڌ کي ٽوڙي لياقت پور ٺاهڻ لاءِ آهن.
لياقت پور جي منصوبه بندي ۾ هنن ڏکڻ سنڌ ۾ ڪوهستان، سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي طرفن ۽ سامونڊي پٽي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن تائين لکين ايڪڙ خانگي زميون ڳرين قيمتن تي وٺي ڇڏيون آهن ۽ وٺن پيا، تنهن کان سواءِ سرڪاري زمينن تي قبظا ڪري نڪلي ڪاغذ ٺهرائي ۽ پڻ ليز تي حاصل ڪرڻ جو عمل جاري آهي.
ڪراچي ۾ بلوچن جون پراڻيون وسنديون آهن ۽ انهن جا مفاد آهن، پر انهن جي اندروني ويڙهاند انهن کي ڪمزور ڪري ورهائي ڇڏيو آهي.
پٺاڻ جن کي ڪراچي ۾ ايوب خان باقائده سيٽل ڪيو ۽ افغان جنگ جي نتيجي ۾ هنن جي وڏي آبادڪاري ٿي آهي، دعويٰ ڪن ٿا ته دنيا ۾ پٺاڻن جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي آهي. هي بوٽ پالش ۽ خشڪ ميوو وڪڻڻ کان سواءِ ٽرانسپورٽ، مزدوري، ڪار ليزنگ، هوٽلنگ، ٺيڪيداري، منشيات ۽ هٿيارن جو وڪرو ڪن ٿا. هنن جا پڻ ڪراچي ۾ وڏا مفاد آهن. سياسي طور A.N.P ۽ طالبان ۾ ورهايل آهن ۽ هڪ ٻئي سان ۽ پناهگير ٽولي سان جنگ ۾ رڌل آهن.
پنجابي جيڪي پاڪستان جا حقيقي مالڪ ۽، انهن جا ڪراچي ۾ سڀ کان وڏا مالي ۽ سياسي مفاد آهن. پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي صنعتڪاري ۽ سرمائيداري پنجاب ۾ آهي ۽ پڻ پاڪستان جي صنعتن ۾ پنجابي ڇانيل آهن، جن جي مال جي درآمد ۽ برآمد ڪراچي بندر تان ٿيئي ٿي ۽ ڪراچي ۾ نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ پڻ هنن جو وڏو حصو آهي.
هي سڀ ڌريون ڪراچي ۾ الڳ نوعيت جا مفاد ۽ مختلف حصيداريون رکن ٿيون. ايم ڪيو ايم هنن سڀني ڌرين سان ويڙهاند ۾ آهي ته هڪ سطح تي سرچاءُ ۽ ٺاهه جي عمل ۾ پڻ آهي.
ڪجهه معتبر رسرچ ادارن جون رپورٽون آهن ته 2025ع ۾ ڪراچي ۾ پناهگير آبادي 40 سيڪڙو وڃي رهندي.
ٻٽو مڪاني نظام، ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جي وال چاڪنگ، مهاجر صوبي جي همايت ۾ ننڍا وڏا مظاهرا ۽ پريس ڪانفرنسون ۽ ڪجهه سالن کان همارا ڪراچي جا ڏهاڙا- اهي سڀ Feeler آهن سنڌين جو پاڻي ڪڇڻ لاءِ. ۽ هاڻي 3 جنوري 2014 تي پناهگير دهشتگرد سنڌ جي ورهاڱي جو باقائده مطالبو ۽ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هي ڪا بي ساخته، ڪنهن چرئي جي من موجي بڪواس ڪونهي، جيئن ڪجهه سنڌي ليڊرشپ پنهنجي بيانن ۽ عملن ذريعي سنڌي ماڻهن کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر مڪمل منصوبه بندي ۽ تياري سان ڪيل ڳالهه آهي.
جنگ جو طبل وڄي چڪو آهي. جنگ اسان جي چانئٺ تي بيهي دروازو ٺڪائي رهي آهي. دشمن اسان کي للڪاري رهيو آهي. سنڌين کي توڪل ۽ خوشفهمين جي اگهور ننڍ مان جاڳي، گهر سار ڪري، پنهنجي ذهني ۽ جسماني مڪمل صلاحيتن ۽ قابليتن سان وڙهڻو آهي. راجا ڏاهر جي ڪيل غلطين کي ورجائڻو ناهي. هي سنڌ جي وجود جي ۽ سنڌين جي بقا يا فنا جي جنگ آهي.
پناهگير دهشتگرد ٽولي جي ان اعلان کي ملڪ اندران ڪنهن به ڌر جي همايت نه ملي آهي ۽ نه ئي فلحال ڪا علائقائي يا عالمي همايت ملڻ جا ڪي اشارا مليا آهن، پر موضون حالتون ۽ ڪٿان ٿوري گهڻي همايت ملڻ شرط ان منصوبي تي باقائده عمل شروع ٿي ويندو.
هيءَ سنڌ ۽ سنڌين جي جنگ آهي. سنڌ اسان جو مادر وطن ۽ ابن ڏاڏن جو ملڪ آهي. هي سنڌين جي ميراث آهي. هزارين سالن کان اسان جون هن ڌرتي ۾ پاڙون آهن، هن ڌرتي اسان جي سوين نسلن کي ڄائو، سانڍيو ۽ نپايو آهي، جتي اسان جي سوين نسلن جون گمنام قبرون آهن. اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي ڪئين غلطين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين باوجود اسان لاءِ هي سرسبز ۽ خوشحال ماءُ ڇڏي ويا، جتي جبل به آهن ته ريگستان به، جتي سنڌو جا سر سبز ۽ زرخيز ميدان آهن ته ڌرتي جي ڇاتي هيٺان بي بها معدني ذخيره پڻ آهن، سنڌو به آهي ته گرم ۽ گهرو سمنڊ پڻ.
اڄ اسان جون پاڙون ۽ پير پنهنجي ڌرتي تي آهن ۽ اسان جي ايندڙن نسلن جي رزق ۽ جياپي، خوشين ۽ خوشحالين جو واحد ذريعو فقط سنڌ ئي رهندي. سنڌ اسان جي ماءُ به آهي ته عزت ۽ مان پڻ.
سنڌ موهن جو دڙو، آمري، رني ڪوٽ، امر ڪوٽ، مڪلي ۽ مورڙي جو ماڳ آهي. هتي ويد ۽ سڌانت لکيا ويا ته هن ڌرتي موسيڪانس، راءِ سهيرس، راءِ سهاسي، چچ، راجا ڏاهر ۽ جئي سينهه، دودو ۽ ڀونگر، ڄام نظام الدين ۽ دولهه درياءِ خان، هوشو ۽ هيمون پيدا ڪيا جن پنهنجن ننگن ۽ دنگن لاءِ ميدان جنگ کي گرم رکيو، ڪي سر ڏيئي سرويچ ٿيا ته ڪن حياتيون ارپي ڇڏيون.
ڪو انڌو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته اکين جي قيمت ڇا آهي؟ ڪنهن جڏي کان پڇو ته دنيا جي دولت مٿي يا ٽنگون ۽ ٻانهون، قيدي کان پڇو ته آزادي ڇا ٿيندي آهي، ڦاسي گهاٽ واري کان پڇو ته زندگي ڇا ٿيندي آهي. پنهنجي ڌرتي ڇا ٿيندي آهي اهو سوال توهان يهودين ۽ فلسطينين کان پڇو.
ڇا هي ڀانت ڀانت جا رولو، ڌرتي ڌڪاڻا، رهزن ۽ سفاڪ، نمڪ حرام، ڪمينا، ۽ بزدل جن کي پنهنجي مادر وطن جي خبر ناهي، جن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ماڳ مڪان ۽ قبرن جي خبر ناهي، اهي اسان کان پنهنجو وطن، پنهنجي ماءُ سنڌ کسي ويندا؟ ڇا سنڌ کان سواءِ اسان زنده رهي سگهنداسين؟
اڄ اهي سوال سمورن سنڌين اڳيان آهن.
تاريخ جا صفحا خالي نه رهندا آهن. سنڌ ٻه واٽي تي بيٺي آهي. سنڌين جو مقابلو ڪنهن معمولي دشمن سان نه، پر دنيا جي سفاڪ، رولو ۽ انتهائي مڪار ۽ مڪريل ٽولي سان آهي. هي وچ ايشيائي ۽ وچ اوڀر جي انتهائي درندا ٽولن جن هندستان کي 800 سئو سال غلام رکيو جي باقيات آهي. هي قتل ڪندي مقتول کان وڏيون دانهون ۽ رڙيون ڪندا آهن. ته جيئن نه فقط مقتول جون دانهون ۽ سڏڪا دٻجي وڃن پر قاتل به مظلوم بنجي وڃي، ان لاءِ هنن کي هندستان ۾ 800 سئو سالن جو وڏو تجربو ۽ مشق آهي.
مستقبل جو مورخ جيڪا سنڌ جي تاريخ لکندو ان جو اڄ اسان کي فيصلو ۽ رٿا بندي ڪرڻي آهي.
سنڌين کي چٽو ۽ متفقه موقف، زبردست تنظيم سازي، نظرياتي تربيت، جمهوري اڳواڻي ۽ عيسيٰ، موسيٰ جو انتظار ڪرڻ ۽ ڀاڙڻ بجاءِ پاڻ اڳتي وڌي ذميواريون کڻڻ ۽ تاريخ جو فرض پورو ڪرڻ، پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو ادراڪ ۽ اعتراف ڪري انهن کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ. الزام ۽ روسامي بجاءِ علائقائي ۽ عالمي غير معمولي سفارتڪاري، صدين جي غلامي عيوض جنم ورتل بند ذهنيت، ٻين جي مفادن لاءِ جڙيل مقدس نظرين جي ڦندن ۽ پنجوڙن مان نڪري، سرد جنگ واري ذهنيت کي ڇڏي، خالص سنڌ ۽ سنڌي مفادن لاءِ سوچي ۽ رٿا بندي ڪري، تربيت يافته وطن پرست جٿا جوڙي اسان فتح ياب ٿي سگهون ٿا.
غير معمولي حالتون غير معمولي تدبيرون گهرنديون آهن، جبر ۽ بحران انقلابن کي جنم ڏيندا آهن.